ڇاپاڪو ديسي

ڇاپاڪو ديسي

ڇاپاڪو ديسي

ڇاپاڪو ديسي (Sindh or Syke’s Nightjar/ Caprimulgus mahrattensis): ڇاپاڪو پکي، پکين جي اهڙي قبيلي سان تعلق رکي ٿو، جيڪي عام پکين، خاص طور جهرڪين ۽ ٻيون ٻوليون ٻوليندڙ پکين، وانگر ڪنهن ٽاريءَ يا تار وغيره تي ويهي نه سگهندا آهن.
هي ايشيائي ڇاپاڪي کـان ڪـي قــدر وڏو ۽ يوريشيائي ڇاپاڪي جيترو قدبت رکي ٿو. هيءُ پکي بـت ۾ 2.3 سـينٽـي ميـٽر هوندو آهي، سندس پرن جي پکيڙ 15.7 سينٽي ميٽرن کان 17.3 سينٽي ميٽر ۽ پڇ جي ڊيگهه 10.5 سينٽي ميٽرن کان 10.4 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي ٿي. هونئن يوريشيائي ڇاپاڪي جهڙو ئي نظر ايندو آهي، پر هن جو آواز مختلف آهي. سندس رنگ پيلاڻ مائل سرمائي هوندو آهي. مٿي تي ڪارا پٽا اٿس. هن جون ٽنگون بنا کنڀن جي، ڳاڙهسريون ناسي ٿين ٿيون. نَرَ جي پرن تي مٿان کان هيٺ پهرين ٽن پرن ۾ اڇا دڙڳ ٿين. ساڳيا اڇا دڙڳ يا چٽا مادي تي به ٿين ٿا، پر اهي ايترا صاف نه هوندا آهن، اهي دڙڳ گهڻو ڪري ڀوري يا پيلي رنگ جا ٿين ٿا. نڙي سڄيءَ تي ڪارا ڪارا چٽا ٿيندا اٿس. سنڌ ۾ هيءُ پکي سياري جو وڌيڪ نظر ايندو آهي. رات جو روڊن رستن جي پاسن توڙي وچ تي ويٺل، ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ تي اوچتو ڀڙڪو کائي اڏرڻ ۽ ڪن حالتن ۾ گاڏين سان ٽڪرائڻ سبب مريو به پوي. هي پکي سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ بلوچستان جي سبي علائقي ۾ به ڏٺو ويندو آهي. لسٻيلي جي ٽاڪرو علائقي ۾ جام ٿئي ٿو.
هي پکي ڏينهن جو اکيون بند رکندو آهي، تنهنڪري ڏينهن جو پنهنجو آکيرو ڪونه ڇڏي، جو خبردار هوندو آهي. هن جو گذران گهڻو ڪري رات جي اڏامندڙ جيتن تي هوندو آهي. هي زمين جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ڪو نه اڏامي، اتي ئي پيو ڦرندو ۽ بولاٽيون کائيندو آهي.
هن جي لڳ جي مند اپريل مهيني جي وچ عرصي واري موسم هوندي آهي. هيءُ وڻ تي آکيرو ڪونه ٺاهي، بلڪ واريءَ جي دڙن کي کوٽي، اتي آنا لاهي. مادي 17 کان 18 ڏينهن آرو ڪري. سندس ٻچا سرمائي يا ڪاري رنگ جا ٿيندا آهن. سندن آواز ’چُڪ چُڪ‘ جهڙو هوندو آهي. هن جي نر توڙي ماديءَ جو آواز ڏيڏر جي ڏاڪ جهڙو ٿيندو آهي.
هيءُ رات جو اڏامندڙ پکي آهي، جنهن جا پر ۽ پڇ ڊگها ۽ وات تمام ويڪرو هوندو آهي. شايد انڪري ئي اڏام دوران جيت سولائيءَ سان جهٽي کائيندو آهي. ديسي ڇاپاڪو پٿريلي سرمائي رنگ جو ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو